سپريم ڪورٽ اسپشل پرسنز لاءِ لفظ معذور يا اپاهج استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ معذورن جي ڪوٽا بابت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو،عدالت اسپشل پرسنز لاءِ لفظ معذور يا اپاهج استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. جسٽس منظور ملڪ جي سربراھي ۾ ٽي رڪني بئنچ 14 جولائي تي ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو ھو. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن توڙي سمورن ادارن تي سرڪاري لکپڙھ ۾ لفظ معذور يا اپاھج استعمال ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. عدالت سرڪاري نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ مطابق ڪنھن معذور شخص جي لاءِ اپاھج، يا معذور لفظ جو استعمال انھن جي عزت ۽ نفس کي متاثر ڪري ٿو، انڪري سرڪاري لک پڙھ، نوٽفڪيشن يا خط ڪتابت ۾ لفظ معذور بدران پرسن ود ڊس ايبلٽيز يا پرسن ود ڊفرينٽ ايبلٽيز لکيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔