نواز شريف پاڪستان ۾ تاحيات نااهل آهي: فياض الحسن چوهان

لاهور: پنجاب جي سڌ سماءَ جي وزير فياض الحسن چوهان چيو آهي ته نواز شريف پاڪستان ۾ تاحيات نااهل آهي. بيگم صفدر والد جو ڪاروبار ۽ سياست تباهه ڪري ڇڏي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فياض الحسن چوهان چيو ته نواز شريف ضمانت وٺي پرڏيهه ويو. صوبائي وزير چيو ته سينيٽر پرويز رشيد ۽ پختون قومپرست اڳواڻ محمود اچڪزئي بيگم صفدر جا استاد آهن. هن چيو ته ڀارت جي آزادي جي ڏينهن کي اسان ڪارو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهيون،والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪريون ٿا. صوبائي وزير چيو ته ڀارت جو نام نهاد سيڪيولر ازم وائکو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي سوچ خطي جي امن لاءِ خطرو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔