ڪراچي جهاز حادثو ڪيس: هوابازي واري وزير خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت درخواست رد

ڪراچي: ڪراچي جي عدالت ڪراچي جهاز حادثي ڪيس ۾هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ، سي اِي او پي آءِ اي ارشد ملڪ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو آهي ته ڪيس جي اعليٰ سطحي جاچ ٿي رهي آهي، هن وقت ڪنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم نه ٿا ڏئي سگهون. ڪراچي جي عدالت درخواستگذار قادر مندوخيل جي ڪراچي جهاز حادثي ڪيس ۾ هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ، سي اي او پي آءِ اي ارشد ملڪ ۽ بين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته لاهور کان ڪراچي ايندڙ جهاز حادثي ۾ 97 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا، جهاز کي اڏام کان اڏام کان اڳ چڱي ريت چيڪ نه ڪيو ويو، حادثي جا ذميوار هوابازي وارو وزير، سي اي او پي آءِ اي آهن، پوليس ڪيس داخل ڪرن کان انڪاري ڪري رهي آهي، عدالت ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي. عدالت چيو ته ڪيس جي اعليٰ سطحي جاچ ٿي رهي آهي، هن وقت ڪنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم نه ٿا ڏئي سگهون…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔