نيب طرفان اهم شخصيتن خلاف جاچ، ڪرپشن ۾ ملوث1037 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل

اسلام آباد : نيب طرفان اهم شخصيتن خلاف جاچ هلندڙ آهي جڏهن ته ڪرپشن ۾ملوث هڪ هزار 37 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾شامل ڪيا ويا آهن، نيب جي سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2019 ع ۾261 جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾شامل ڪيا ويا، نيب راولپنڊي 72 جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾شامل ڪيا، نيب لاهور 67، ڪراچي 33 ۽ نيب ملتان 46 جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾شامل ڪيا: رپورٽ ۾ چيو ويو ته آصف زرداري، فريال ٽالپر، مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، سراج دراني، انور مجيد ۽ ٻين جا نالا اي سي ايل ۾شامل ڪيل آهن، نيب سکر 33، نيب ڪي پي ڪي 6 جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرايا، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو سال 2019 ۾ اي سي ايل ۾ ڪڍيو ويو، 2019 ۾ 42 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔