پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهون ٿا ان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين: سعودي سفير

لاهور: سعودي سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي  چيو آهي ته اسان پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهون ٿا ان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار اد اڪندا رهنداسين ۽ پاڪستان کي نه اڳ اڪيلو ڇڏيو هو ۽ نه وري هاڻ ڇڏينداسين.

رپورٽ موجب پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان سعودي سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پنجاب جي گورنر ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي جبل کان به مضبوط قرار ڏنو.

چوڌري محمد سرور چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا مثالي لاڳاپا 22 ڪروڙ پاڪستانين جي لاءِ فخر جوڳا آهن. سعودي ۽ پاڪستاني عوام جي دل هميشه گڏ ڌڙڪندي آهي. ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ڀائيچاري جو مضبوط رشتو آهي هر مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاڪستان سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندو آهي.

پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سعودي حڪومت جو تعاون تحسين جوڳو قدم آهي.  ان موقعي تي سعودي سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي لاڳاپا ٻن ڀائرن جهڙا آهن اسان پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهندا آهيون ان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهيون. پاڪستان کي نه اڳ اڪيلو ڇڏيو هو ۽ نه ئي وري هاڻ ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔