ڀارت جي وڌندڙجارحيت خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي: پاڪستان

اسلام آباد: ڀارتي فوج پاران ايل او سي جنگ بندي معاهدي جي خلاف ورزين تي سينئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو .

ايل او سي جي ڍڍيال سيڪٽر تي ڀارتي  فوج جي فائرنگ تي پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سينئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس گهرائي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو .

پرڏيهي کاتي موجب 14 آگسٽ تي ڍڍيال سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي فائرنگ سان هڪ شهري سخت زخمي ٿيو هو .

پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب هن سال ڀارت 1980 ڀيرا جنگ بندي جي خلاف ورزي ڪري چڪو آهي ۽ هن وقت تائين ڀارتي فورسز جي فائرنگ سبب 16 شهري شهيد ۽ 168 زخمي ٿيا آهن .

پرڏيهي کاتي موجب ڀارت جو معصوم شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪن ٿا ۽ ڀارت جون چڙڏياريندڙ ڪارروائيون خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن .

ترجمان موجب ڀارت اهڙين حرڪتن سان والاريل ڪشمير جي صورتحال کان دنيا جو منهن نه ٿو موڙي سگهي .

هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي قرارداد تي عمل کي يقيني بڻائي ۽ خطي جي امن کي برقرار رکي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔