سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ غلط فهميون ختم ٿي ويون : شيخ رشيد

لاهور:ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سعودي عرب اسان جو آزمايل تاريخي ۽ دل جي ويجهو دوست آهي ۽ سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ جيڪي ٿوريون گهڻيون غلط فهميون هيون اهي ختم ٿي ويون آهن.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته سڀاڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ انٽرسروسز انٽيلي جنس (آءِ ايس آءِ ) جو ڊائريڪٽر جنرل فيض حميد سعودي عرب جي دوري تي وڃي رهيو آهي، جيڪا اڃا کوٽ آهي ان دوري سان اها به ختم ٿي ويندي .

هن چيوته پاڪستان هاڻي اڳ کان به وڌيڪ سعودي عرب سان دوستي کي اڳتي وٺي هلندو.

هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزيرعثمان بزدار ڪيڏانهن نه پيو وڃي،وزيراعظم عمران خان عثمان بزدار سان گڏ بيٺل آهي ۽ عثمان بزدار لاءِ سڀ ٺيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔