سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 272 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي :سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 272 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ هيل تائين هڪ لک 25 هزار 904 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 4 مريض فوت ٿي ويا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ هيل تائين 2317 ڪورونا جا مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔