حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي: مولانا فضل الرحمٰن

اسلام آباد : جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اپوزيشن ۾ اي پي سي سڏائڻ واري معاملي تي ڪي به اختلاف نه آهن، حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. فضل الرحمٰن چيو ته سمورين اپوزيشن پارٽيز جَي موقف ۾ هڪجهڙائي هجڻ گهرجي. پشاور ۾ اي اين پي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران جي يو آءِ سربراهه چيو ته هو ڪنهن به مايوسي جو شڪار نه آهن. هن چيو ته قوم آڏو واضح پلان رکڻ جِي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مارچ گذري ويو، هاڻي ملين مارچ رهجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔