براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

سعودي عرب آمريڪا کان ايف 35 جهاز ۽ 300 ٽينڪ خريد ڪندو، ڊونلڊ ٽرمپ دفاعي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب جي لاءِ وڏي دفاعي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، سعودي عرب سان توانائي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اهم شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪيون ويون. وائٽ هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آمريڪا ۽ سعودي عرب…

اسراِئيل جون جنگبندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون: اڄ ٻيهر لبنان تي حملو، 13 ڄڻا مارجي ويا

لبنان:  جنگي جنون ۾ مبتلا اسرائيل پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو، جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري اڄ ٻيهر لبنان تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا. لبناني صحت واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته اسرائيلي فوج ڏاکڻي علائقي صيدون…

صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان دهشتگردن خلاف ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين…

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف باجوڙ ۽ بنون ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري فتنته الخوارج جي 23 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز  جي موثر…

رونا ليليٰ جي آواز ۾ ”دمادم مست قلندر“ ڪوڪ اسٽوڊيو بنگلا تي رليز

ڏکڻ ايشيا جي عظيم گلوڪارا ۽ 6 ڏهاڪن کان 18 ٻولين ۾ گيت ڳائيندڙ رونا ليليٰ جي آواز ۾ مقبول ڪلام ”دمادم مست قلندر“ ڪوڪ اسٽوڊيو بنگلا جي يوٽيوب چينل تي رليز ڪيو ويو آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب ڪوڪ اسٽوڊيو بنگلا جي سيزن ٿري جي اعلان کانپوءِ…

ٽي ملڪي سيريز: اڄ پاڪستان ۽ زمبابوي آمهون سامهون ٿيندا

راولپنڊي ؛ پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز اڄ  کان راولپنڊي ۾ شروع ٿي رهي آهي. ٽي ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ اڄ پاڪستان ۽ زمبابوي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ميچ پاڪستاني وقت موجب شام 6 وڳي شروع…

چين جو وچولي درجي جو ميزائل روڪيندڙ نظام ڇا آهي؟

بيجنگ: چين جو  ايس ڪيو-29 کي آمريڪا جي سامونڊي دفاعي ميزائل دس ايم-3 ۽ زمين اندر ذخيرو ڪيل ميزائيل روڪڻ واري نظام سيلو ۾ لڳايل Ground-Based Interceptor (GBI) سان ڪيئن ڀيٽيو وڃي ٿو. چين 15 ورهين جي ٽيسٽنگ کان پوءِ، سيپٽمبر ۾ پنهنجي فتح جي…

غزه بابت ٽرمپ منصوبي جي حمايت ۾ قرارداد منظور

نيويارڪ :  گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه منصوبي جي حمايت ۾ هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي.قرارداد جي حق ۾ 14 ووٽ مليا، جڏهن ته ان جي خلاف ڪو به ووٽ نه پيو. روس ۽ چين ووٽنگ جي عمل ۾ حصو نه ورتو. آمريڪي مندوب سلامتي…

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لاه چاڙهه جاري

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي جي ٻئي ڏينهن به اتار چڙهاؤ نظر اچي رهيو آهي.واپاري سيشن دوران، 100 شيئرز مارڪيٽ انڊيڪس ۾ 65 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ انڊيڪس 161,753 تي پهچي ويو.…

آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل حلف کڻي ورتو

مظفر آباد: آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل راٺوڙ کي عهدي جو حلف کڻايو.حلف برداري تقريب ۾ گلگت بلتستان جي گورنر مهدي…

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چئن سالن دوران ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ 466 عورتن سميت 595 ڄڻا قتل

ڪراچي:  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 4 سالن دوران ڪاروڪاري جي الزام هيٺ 595 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. تفصيل موجب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريل 4 سالن جي دوران 595 ڄڻن کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو جن ۾ 466 عورتون ۽ 129 مرد شامل آهن. سنڌ پوليس جي…