سعودي عرب آمريڪا کان ايف 35 جهاز ۽ 300 ٽينڪ خريد ڪندو، ڊونلڊ ٽرمپ دفاعي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب جي لاءِ وڏي دفاعي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، سعودي عرب سان توانائي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اهم شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪيون ويون.

وائٽ هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آمريڪا ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سول نيو ڪليئر معاهدي تي اتفاق ٿي ويو. وائٽ هائوس موجب صدر ٽرمپ سعودي عرب جي لاءِ وڏي دفاعي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي تحت سعودي عرب کي ايف 35 ويڙهاڪ جهاز فراهم ڪيا ويندا، سعودي عرب آمريڪا کان تقريبن 300 ٽينڪ به خريد ڪندو.

آمريڪا ۽ سعودي عرب ڪريٽيڪل منرلز فريم ورڪ تي به صحيحون ڪيون آهن جنهن جي تحت اهم معدنيات جي سپلاءِ چين کي محفوظ بنائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ گهرو ڪيو ويندو.

اها ڊيل انهن معاهدن جو حصو آهي جيڪا صدر ٽرمپ انهي کان اڳ ٻين واپاري ڀائيوارن سان ڪيا هئا جن جو مقصد آمريڪا جي سپلاءِ چين کي مضبوط ۽ عالمي سطح تي مستحڪم بنائڻ آهي ته جيئن اهم معدنيات تائين پهچ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه اچي.

وائٽ هائوس موجب اهو فريم ورڪ ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ آهي ته جيئن مستقبل ۾ ضروري معدني وسيلن جي گهٽتائي کان بچي سگهجي.

آمريڪا ۽ سعودي عرب مصنوعي  ذهانت جي تاريخي ايم او يو تي صحيحون ڪيون. انهي جي تحت سعودي عرب کي دنيا جي بهترين آمريڪي اي آءِ سسٽم تائين پهچ فراهم ڪئي ويندي. سعودي شهزادي محمد بن سلمان آمريڪا ۾ هڪ کرب ڊالر تائين سرمائيڪاري وڌائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو.

 

تبصرے بند ہیں۔