آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل حلف کڻي ورتو

مظفر آباد: آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل راٺوڙ کي عهدي جو حلف کڻايو.حلف برداري تقريب ۾ گلگت بلتستان جي گورنر مهدي شاهه، خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.آزاد ڪشمير جي 16 هين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻندڙ فيصل راٺوڙ چيو ته هو آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو شڪرگذار آهي ته انهن کيس هي ذميواري سونپي.هن چيو ته هو پاڪستان فوج کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جيڪا پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي اسان جو دفاع ڪري رهي آهي، ۽ پيپلز پارٽي عوام سان ٻيهر ڳنڍڻ جي ذميواري کنئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔