بيجنگ: چين جو ايس ڪيو-29 کي آمريڪا جي سامونڊي دفاعي ميزائل دس ايم-3 ۽ زمين اندر ذخيرو ڪيل ميزائيل روڪڻ واري نظام سيلو ۾ لڳايل Ground-Based Interceptor (GBI) سان ڪيئن ڀيٽيو وڃي ٿو. چين 15 ورهين جي ٽيسٽنگ کان پوءِ، سيپٽمبر ۾ پنهنجي فتح جي ڏينهن واري پريڊ دوران HQ-29 کي عوام آڏو پڌرو ڪيو، جيڪو هڪ زميني بنيادن وارو هوائي دفاعي ميزائل نظام آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي فضا کان ٻاهر، خلا ۾ ايندڙ هدف کي روڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو. HQ-29 ــ جنهن کي “ريڊ فليگ-29” پڻ چيو ويندو آهي ــ چين جي گهڻ-پَرت واري بيلسٽڪ ميزائل دفاعي نظام جي مٿئين پرت لاءِ هڪ اهم اضافو سمجهيو وڃي ٿو. چيني فوجي ميگزين Ordnance Science and Technology مطابق ميزائل کي ڇهن-ايڪسل واري لانچر تي لڳايو ويو آهي، جيتوڻيڪ بيجنگ HQ-29 اينٽي-بيلسٽڪ ميزائل نظام جون مڪمل ٽيڪنيڪل خاصيتون ظاهر نه ڪيون آهن. سيپٽمبر ۾، هن ميگزين ــ جيڪو Shaanxi Association for Science and Technology جي نگراني هيٺ آهي ۽ جديد سائنس ۽ فوجي ترقيءَ تي رپورٽ ڪري ٿو ــ ٻڌايو ته نظام ۾ مبينا طور تي ٻه لانچ ٽيوب لڳل آهن جن جو قطر لڳ ڀڳ 1.3 ميٽر آهي، ۽ اهي 10.5 ميٽر ڊگها ۽ 1.2 ميٽر قطر وارا ٻه انٽرسيپٽر ميزائل کڻي سگهن ٿا. سرڪاري چيني نشرياتي اداري CCTV مطابق، HQ-29 کي وچ-مرحلي (mid-course) ۾، ڌرتيءَ جي فضا کان ٻاهر 100 ڪلوميٽر کان مٿي اوچائي تي، وچولي ۽ ڊگهي رينج جي بين القوامي بيلسٽڪ ميزائلن (ICBMs) کي روڪڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. پريڊ جي ڏينهن، CCTV هن نظام جي موبائل تعيناتي ۽ kinetic interception (يعني رفتار ۽ توانائي جي ٽڪراءَ سان روڪڻ) جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، ۽ چيو ته هي چين جي دنيا ۾ اڳڀري وچولي درجي جو اينٽي ميزائل ٽيڪنالاجي جي نمائندگي ڪري ٿو. پريڊ کان اڳ، فرانسيسي فوجي نيوز ويب سائيٽ War Wings Daily چيو هو ته هي چيني ميزائيل500 ڪلوميٽر جي گهٽ ۾ گهٽ اوچائي تي ICBMs کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته Ordnance Science and Technology ٻڌايو ته هي نظام Karman Line (خلا ۽ زمين جي مدارن جي حد) کان مٿي 2000 ڪلوميٽر تائين ڊگهي رينج يا ICBMs کي هدف بڻائڻ جي توقع آهي.
تبصرے بند ہیں۔