غزه بابت ٽرمپ منصوبي جي حمايت ۾ قرارداد منظور

نيويارڪ :  گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه منصوبي جي حمايت ۾ هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي.قرارداد جي حق ۾ 14 ووٽ مليا، جڏهن ته ان جي خلاف ڪو به ووٽ نه پيو. روس ۽ چين ووٽنگ جي عمل ۾ حصو نه ورتو. آمريڪي مندوب سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان، مصر، قطر، اردن، سعودي عرب، يو اي اي، ترڪي ۽ انڊونيشيا جو شڪريو ادا ڪيو.مريڪي مندوب چيو ته اسان سڀ گڏ ٿيا آهيون، صورتحال جي سنگيني کي محسوس ڪيو ۽ قدم کنيا. قرارداد غزه جي استحڪام لاءِ اهم آهي. اڄ هڪ تاريخي ۽ تعميري قرارداد منظور ڪئي وئي آهي.قرارداد ۾ غزه لاءِ بين الاقوامي استحڪام فورس جي تعيناتي ۽ غزه ۾ هڪ عبوري حڪومت جي قيام جا نقطا شامل آهن.

تبصرے بند ہیں۔