براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

ٻارن کي جسماني سزا روڪڻ بابت بل قومي اسيمبلي ۾ منظور

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ٻارن کي جسماني سزا روڪڻ جا حڪم واضح ڪرڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ منظور ڪيو ويو. ن ليگ ميمبر مهناز اڪبر عزيز بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ان حوالي سان انساني حقن جي وزير شيرين مزاري چيو ته اسان کي بل تي ڪو اعتراض ناهي. بل ۾ حڪومت…

سي پيڪ ذريعي اقتصادي رابطا سريلنڪا تائين وڌائي سگهجن ٿا: وزيراعظم

ڪولمبو: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا دهشتگردي جهڙن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. سريلنڪن هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجو هي دورو ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ آهي، پاڪستان چين جي…

حليم عادل شيخ سان جيل اندر رويو برداشت جوڳو ناهي: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي سرڪار ڪراچي ۾ گرفتار ٿيل اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ جي گرفتاري واري معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاري ويندو، جيل ۾ کيس…

پرويز رشيد جي آر او جي فيصلي خلاف اپيل رد، سينيٽ چونڊن لاءِ نااهلي برقرار

لاهور: لاهور جَي اليڪشن ٽربيونل نون ليگ اڳواڻ پرويز رشيد کي سينيٽ چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو: پرويز رشيد جِي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ بابت رٽرننگ آفيسر جَي فيصلي خلاف اپيل رد: پرويز رشيد چيو آهي ته مونکي خبر آهي ته منهنجو ڏوهه ڪجهه پيو آهي،…

نواز ليگ 20 پولنگز تي ٻيهر پولنگ واري موقف تان ڦري وئي: فواد چوڌري

اسلام آباد: تحريڪ انصاف ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊن جَي مطالبي کي نون ليگ جو يوٽرن قرار ڏئي ڇڏيو: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز ليگ 20 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ واري موقف تان ڦري وئي، هاڻي اليڪشن ڪميشن ڄاڻي، نواز ليگ ڄاڻي، اليڪشن ڪميشن…

ڊسڪا بابت اليڪشن ڪميشن اهڙو فيصلو ڏئي جو مثال بڻجي وڃي: نون ليگ

اسلام آباد: آر او طرفان پيش ڪيل 14 فارمز ۾ ردوبدل ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن آڏو آر اعتراف ڪيو ته پي ٽي آءِ جي اثر وارن علائقن ۾ پولنگ عملو اغوا ٿيو هو، هاڻي وري پي ٽي آءِ اُميدوار چوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن ڦيرڦار ٿيل نتيجن کي تسليم ڪري، نواز ليگ…

ملڪ ۾ بجلي جي بليڪ آئوٽ جو ذميوار گڊو پاور پلانٽ جو اسٽاف قرار ڏنو ويو

اسلام آباد : ملڪ ۾ بجلي جي بليڪ آئوٽ جو ذميوار گڊو پاور پلانٽ جو اسٽاف قرار ڏنو ويو آهي، نيپرا رپورٽ جاري ڪندي ذميواري گڊو پاور پلانٽ جي انتظاميا تي وجهي ڇڏي، نيپرا چيو آهي ته اين پي سي جي اجازت کانسواءِ سرڪٽ بريڪر آپريٽ ڪيو ويو، 09 جنوري

ڊسڪه چونڊ: ريٽرننگ آفيسر سموري ڪهاڻي اليڪشن ڪميشن کي ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد: اين اي 75 ڊسڪه جي  ننڍي چونڊ ۾ ريٽرننگ آفيسر بدنظمي جا تفصيل اليڪشن ڪميشن جي سامهون رکي ڇڏيا آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ اين اي 75 ڊسڪه جي ضمني چونڊ ۾ نتيجا غائب ٿيڻ جي معاملي

ربيڪا خان جو پهريون گانو..پارٽي والي نائيٽ…اڄ سڄي دنيا ۾ رليز

ڪراچي: سوشل ميڊيا اسٽار ربيڪا خان جو پهريون گانو ...پارٽي والي نائيٽ..اڄ اڱاي ڏينهن سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو پيو وڃي. ان کان اڳ ربيڪا خان ان گاني جي جهلڪ سوشل ميڊيا تي رليز ڪئي ته هر پاسي ڌم مچي وئي هئي . ٻن ٽن ڏينهن ۾ ميوزڪ جي لکين ديوانن

سنڌ ڪابينا ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي آئل پام وڻ پوکڻ لاءِ 300 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ ڪابينا ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي آئل پام وڻ پوکڻ لاءِ 300 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سي ڊي اي طرفان زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابينا کي درخواست ڏني وئي هئي، ڪابينا اجلاس کي بريفنگ دوران چيو ويو آهي ته سي ڊي اي کي گهوڙا ٻاري تعلقي