ڊسڪه چونڊ: ريٽرننگ آفيسر سموري ڪهاڻي اليڪشن ڪميشن کي ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد: اين اي 75 ڊسڪه جي  ننڍي چونڊ ۾ ريٽرننگ آفيسر بدنظمي جا تفصيل اليڪشن ڪميشن جي سامهون رکي ڇڏيا آهن.

چيف اليڪشن ڪمشنر  سڪندر سلطان راجه جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ اين اي 75 ڊسڪه جي ضمني چونڊ ۾ نتيجا غائب ٿيڻ جي معاملي  جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن جي سلسلي ۾ تڪ جا آر او اليڪشن ڪميشن جي آڏو پيش ٿيا. ريٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته تڪ ۾ 360 پولنگ اسٽيشن هئا ۽ پوڻين 2 وڳي تائين 305 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا اچي ويا. 337 پولنگ اسٽيشنز جو اندراج ساڍي 3 وڳي تائين ٿي چڪو هو.

20 پولنگ اسٽيشن جي نتيجن ۾ دير تي ان سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي. 19 تي پريزائيڊنگ آفيسرز سان رابطو نه ٿي رهيو هو. صرف هڪ کي بيل وڃي رهي هئي. آر او ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشن جو 30 کان 40 ڪلو ميٽر  جو فاصلو هو. ٽن پولنگ اسٽيشنز جو نتيجو اسان وٽ هو پر اسان اندراج نه ڪري رهيا هئاسين ڇو ته ٻاهر  وڏو  ميڙ هو. آر او وڌيڪ ٻڌايو ته باقي ٻيا نتيجا اسان کي واٽس ايپ تي ملي رهيا هئا. اميدوارن جي دعويٰ هئي ته انهن وٽ واٽس ايپ تي نتيجا اچي ويا آهن اسان کين چيو ته اهي نتيجا اسان کي ڏين جيڪي  انهن اسان کي ڏنا. 17 پولنگ اسٽيشز مان ڊيٽا ملڻ کان پوءِ اسان اميدوارن جي ڏنل ڊيٽا سان ميچ ڪيو. اليڪشن مواد اسان جي ڪسٽڊي ۾ آهي.

ريٽرننگ آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته 4 پولنگ اسٽيشن جي نتيجن ۾ ڪوبه فرق نه آهي. شڪايت ڪندڙن پاران ڏنل فارم ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي آڱوٺي جا نشان ناهن لڳل. آر او چيو ته فائرنگ ٿي، جهيڙي جا به اطلاع آهن، پولنگ اسٽيشن جي ٻاهر کان تحريڪ انصاف ۽(ن) ليگ جو هڪ هڪ ڪارڪن مارجي ويو، فائرنگ کان پوءِ ووٽرز جو ٽرن آئوٽ ڪجهه گهٽ ٿيو. پولنگ اسٽيشن جي اندر فائرنگ ناهي ٿي. پرزائيڊنگ آفيسرن کان پڇيو ته انهن مان ٻڌايو ته  ڪوهيڙو هو جڏهن ته ڪنهن جي گاڏي خراب ٿي وئي، صاف موسم ۾ ڏيڍ صاف موسم ۾ به ڏيڍ کان 2 ڪلاڪ لڳي ويندا آهن اسان پريزائيڊنگ آفيسرن کي بيان ڏيڻ لاءِ گهرايو هو.

ريٽرننگ آفيسر ٻڌايو ته اسان وٽ 20 مان  سمورا پريزائيڊنگ آفيسر بيان ڏيڻ ٻيهر نه آيا،. 78 پريزائيڊنگ آفيسرن اسان کي لکت ۾ بيان ڏنو. ان موقعي تي(ن) ليگ جي وڪيل اليڪشن واري ڏهاڙي تي ٿيندڙ بدنظمي جي وڊيو هلائي جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔