حڪومت پاڻ اليڪشن چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پاڻ اليڪشن چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهي.

ڊسڪه ۾ ري پولنگ جي ڳالهه ناهي. حڪومت ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. حڪمرانن کان پارليامينٽ جي ميمبرن سميت هر ماڻهو تنگ آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اين اي 75 ڊسڪه ننڍي چونڊ ۾ ڌاڙو هنيو ويو.

اليڪشن ڪميشن پاڻ چئي رهيو آهي ته تڪ ۾ ڌانڌلي ٿي. حڪومتي سازش بي نقاب ٿي. هاڻ هي منهن لڪائي گهمي رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ڪيمرائن جي سامهون ٿيڻ گهرجي. جيڪو ڊسڪه ۾ ٿيو ان کان پوءِ اڃان تائين نه چيف سيڪريٽري ملي رهيو آهي نه آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي ملي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن جا پرزائيڊنگ آفيسر غائب ٿي رهيا آهن. شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ پارليامينٽ مفلوج بڻجي چڪي آهي.

اسلام آباد ۾ گذريل هڪ مهيني کان وڪيلن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. اڄ اڳوڻو وزيراعظم ۽ وڏو وزير ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهن. عدالتن ۾ 10 وفاقي وزير ۽ 3 اڳوڻن وزيراعظم جا ڪيس آهن. هي عدل جو نظام به مذاق بڻجي چڪو اهي. احتساب جو ادارو ڪرپشن ۾ ملوث آهي. ماڻهو ڪرپٽ حڪومت سان گڏ نٿا هلڻ چاهين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔