اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 2 لک 2 هزار 955 ڪورونا جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 83 مريض فوت ٿي ويا. اين سي او سي پاران ڪورونا ڪيسن بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 2 لک کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ايڪٽو
مزید پڑھیں ...
لاهور:  لاهور جي وڌيڪ 7 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون کان پوءِ چرپر کي محدود ڪيو ويو جنهن سبب ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي داخلا مڪمل طور تي بند ڪئي وئي آهي. ان علائقن ۾ ڊي ايڇ اي، ٽمبر مارڪيٽ، ماڊل ٽائون، گارڊن ٽائون، فيصل ٽائون، گلشن راوي ۽ اندرون شهر ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ
مزید پڑھیں ...
لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته اپوزيشن پارٽيون صرف پنهنجي ڪرپشن بچائڻ جي ايجنڊا کڻي هلي رهيون آهن. ملڪ جي بنيادن کي کوکلو ڪندڙ عناصرن کي هاڻ حساب ڏيڻو پوندو. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي تاريخ جي شفاف ترين حڪومت آهي. اپوزيشن پارٽيون صرف حڪومت مٿان تنقيد ڪرڻ ۾
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: مشهور قانوني ماهر ايڊووڪيٽ اي ڪي ڊوگر لاڏاڻو ڪري ويو. اي ڪي ڊوگر اڳوڻي چيف جسٽس مامون رشيد شيخ جو سهرو هو. اي ڪي ڊوگر ڊگهي عرصي کان بيمار هو. 2 ڏينهن اڳ سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ آچر 28 جون جي صبح جو هو لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مشهور قانوندان اي ڪي ڊوگر جو پورو
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: ڀارت سکن جي مذهبي هنڌ ڪرتارپور گوردواره تائين ويندڙ سرحدي راهداري کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان پنهنجي طرفان 29 جون تي ڪرتارپورراهداري کولڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان حوالي سان ڀارت کي به آگاهه ڪيو ويو هو. پر هاڻ ڀارت ڪرتارپور راهداري کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان پرڏيهي
مزید پڑھیں ...
ڪراچي : سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 425 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ لک 72 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو انگ 4 لک 95 هزار 414 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد 98 لک 76 هزار کان به وڌيڪ آهي. ميڪسيڪو ۾ڪورونا وائرس 736 ماڻهن کان
مزید پڑھیں ...
ڪراچي : سنڌ ۾ قهر جي گرمي دوران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين جو ساهه مُٺ ۾ ڏئي ڇڏيو، لاڪ ڊائون ۾ کليل ڪاروبار به ٺپ ٿيڻ سبب دڪاندارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، اڪثر شهرن ۾ بجلي بندش سبب پاڻي جي بحران به ڪرکنيو، هالاناڪه وٽ هاءِ ووليٽيج تار ۾ فالٽ اچڻ سبب حيدرآباد جي 25 فيڊرن کي بجلي فراهمي بند ٿي
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ ۽ اوچتي واڌ جو پڙاڌو، اپوزيشن ميمبرز طرفان حڪومت تي ڇتي تنقيد ۽ پيٽرول جا نوان اگهه فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو، پ پ ايم اين اي رميش لال ۽ ذوالفقار بچاڻي چيو آهي ته ملڪي معيشت اڳ ئي تباهه ٿيل آهي، رات پيٽ ۾ پيٽرول مهانگو ڪري معيشت سان
مزید پڑھیں ...
ڪراچي : سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار اپوزيشن جي گوڙ ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ منظور ڪرائي ورتي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪٽوتي واريون رٿون پيش ڪيون، اپوزيشن ميمبرز سيٽس تي اُٿي احتجاج ڪيو، اسيمبلي ۾ تقرير دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪوبه ٻيو ادارو اسيمبلي جي ڪارروائين ۾ مداخلت نٿو
مزید پڑھیں ...
جنيوا: صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سيپٽمبر ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر آئي ته ان سبب ڪروڙين ماڻهو فوت ٿي سگهن ٿا. صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر رنيري گوريرا ٻڌايو آهي ته عالمي وبا تمام گهڻو پکڙجي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سيپٽمبر، آڪٽوبر ۾
مزید پڑھیں ...