سنڌ سرڪار اپوزيشن جي گوڙ ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ منظور ڪرائي ورتي

ڪراچي : سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار اپوزيشن جي گوڙ ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ منظور ڪرائي ورتي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪٽوتي واريون رٿون پيش ڪيون، اپوزيشن ميمبرز سيٽس تي اُٿي احتجاج ڪيو، اسيمبلي ۾ تقرير دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪوبه ٻيو ادارو اسيمبلي جي ڪارروائين ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، افسوس جو سنڌ ۾ ٽيوب لائيٽ سياست ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ وارا ڪنٽينر تان لهي اچن، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي گوڙ دوران بجيٽ منظور ڪرائي وئي، سنڌ اسيمبلي ۾ ضمني بجيٽ لاءِ سال20-2019 جون 29 ڪٽوتي واريون رٿون منظور ڪيون ويون، گوڙ دوران وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ٽيڪسز ۾ غلط بياني ڪئي، وفاقي حڪومت جا غلط انگ اکر کڻي عدالت وينداسين، هن چيو ته افسوس، سنڌ ۾ٽيوب لائيٽ ٽائيپ سياست ٿي رهي آهي، سنڌ تي لگزري گاڏيون خريد ڪرڻ جو الزام ڪوڙو آهي، سنڌ ڪا به لگزري گاڏي خريد نه ڪئي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ ڪنهن ٻي اداري جي مداخلت برداشت نه ڪنداسين، اپوزيشن وفاقي ادارن جي مداخلت جون ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري، ڪنٽينر تي چڙهيل پي ٽي اءِ کي سياست جي ڪهڙي خبر، سنڌ جي عوام دوست بجيٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔