قومي اسيمبلي ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جو پڙاڏو

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ ۽ اوچتي واڌ جو پڙاڌو، اپوزيشن ميمبرز طرفان حڪومت تي ڇتي تنقيد ۽ پيٽرول جا نوان اگهه فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو، پ پ ايم اين اي رميش لال ۽ ذوالفقار بچاڻي چيو آهي ته ملڪي معيشت اڳ ئي تباهه ٿيل آهي، رات پيٽ ۾ پيٽرول مهانگو ڪري معيشت سان گڏ غريب عوام کي به ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو آهي، نواز ليگ ايم اين اي روبينا خورشيد عالم چيو آهي ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو هڪ نئون طوفان ايندو، حڪومت معيشت ۽ عوام کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔