سنڌ ۾ قهر جي گرمي ،بجلي بند، شهرين جو ساهه مُٺ ۾

ڪراچي : سنڌ ۾ قهر جي گرمي دوران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين جو ساهه مُٺ ۾ ڏئي ڇڏيو، لاڪ ڊائون ۾ کليل ڪاروبار به ٺپ ٿيڻ سبب دڪاندارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، اڪثر شهرن ۾ بجلي بندش سبب پاڻي جي بحران به ڪرکنيو، هالاناڪه وٽ هاءِ ووليٽيج تار ۾ فالٽ اچڻ سبب حيدرآباد جي 25 فيڊرن کي بجلي فراهمي بند ٿي وئي، قاسم، سٽي تعلقي، ڪينٽ، گاڏي کاتي ۽ هيرا آباد سميت شهر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، شهري رستن تي نڪري آيا، فقير جو پِڙ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، جڏهن ته سخت احتجاج بعد سمورن علائقن ۾ پنجن ڪلاڪن بعد بجلي بحال ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔