سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 425 ماڻهو فوت

ڪراچي : سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 425 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ لک 72 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو انگ 4 لک 95 هزار 414 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد 98 لک 76 هزار کان به وڌيڪ آهي. ميڪسيڪو ۾ڪورونا وائرس 736 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ 25 هزار 60 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيمار آهن. ڪورونا وائرس وگهي برازيل ۾وڌڪ 907 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 55 هزار 961 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 12 لک 74 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن . آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 569 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ هڪ لک 27 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 25 لک 45 هزار کان وڌيڪ آهي. ڀارت ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 381 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 لک 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. اٽلي ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 30 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ 34 هزار 708 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 39 هزارکان وڌيڪ ماڻهو بيماري ۾ورتل آهن. ڪورونا وائرس فرانس ۾26، ايران ۾109، ڪئنيڊا ۾3، روس ۾176 ، بنگلاديش 40 ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد فوتين جو انگ 4 لک 95 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 53 لک 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔