ڀارت ڪرتارپور راهداري کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ڀارت سکن جي مذهبي هنڌ ڪرتارپور گوردواره تائين ويندڙ سرحدي راهداري کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پاڪستان پنهنجي طرفان 29 جون تي ڪرتارپورراهداري کولڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان حوالي سان ڀارت کي به آگاهه ڪيو ويو هو. پر هاڻ ڀارت ڪرتارپور راهداري کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو هو ته سڄي دنيا ۾ جيئن ئي عبادتگاهون کلي رهيون آهن ائين ئي پاڪستان ڪرتارپور راهداري کولڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته مهاراجه رنجيت سنگهه جي ورسي تي ڪرتارپور راهداري کولڻ جي تياري آهي. پر هاڻ ڀارت طرفان اها خبر آئي آهي ته هو 29 جون تي ڪرتارپور راهداري کولڻ جي حق ۾ ناهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب حڪومت 29 جون تي ڪرتارپور راهداري کولڻ جي پاڪستان جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس سبب حفاطٽي قدمن تحت سرحدن تي اچ وڃ معطل آهي.

ڀارتي حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان ڪوبه فيصلو صحت کاتي جي اختيارين ۽ لاڳاپيل ادارن جي صلاح مشوري سان ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔