مشهور قانوني ماهر اي ڪي ڊوگر لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد: مشهور قانوني ماهر ايڊووڪيٽ اي ڪي ڊوگر لاڏاڻو ڪري ويو. اي ڪي ڊوگر اڳوڻي چيف جسٽس مامون رشيد شيخ جو سهرو هو.

اي ڪي ڊوگر ڊگهي عرصي کان بيمار هو. 2 ڏينهن اڳ سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ آچر 28 جون جي صبح جو هو لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

مشهور قانوندان اي ڪي ڊوگر جو پورو نالو عبدالله خان ڊوگر هو. سندس عمر 84 سال هئي. اي ڪي ڊوگر جي جنازي نماز مغرب جي نماز کان پوءِ ادا ڪئي ويندي. جڏهن ته سندس تدفين مير ميرپنڊ قبرستان جي سامهون گرائونڊ ۾ آمريڪن اسڪول جي ويجهو ٿيندي.

اي ڪي ڊوگر ڀارت مان هجرت ڪري پاڪستان آيو. ان جو پيءُ رام پور رياست ۾ ڪم ڪندو هو. آڪٽوبر 1998ع جي مارشل لا کي اي ڪي ڊوگر عدالتن ۾ چيلنج ڪيو هو. جڏهن ته پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گرفتاري جي درخواست به هن ئي ڪلثوم نواز طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي.

اڳوڻي آرمي چيف ۽ صدر پرويز مشرف جي مارشل لا واري دور جي قدمن خلاف به اي ڪي ڊوگر درخواستون داخل ڪندو رهيو. آخري ڀيرو پرويز مشرف جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سزا ڏيڻ واري خاص عدالت جي خلاف به هو درخواست ۾ ڌر بنجڻ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو پر ان کان پوءِ گهڻو بيمار رهڻ سبب هو عدالتن ۾ گهٽ  ايندو هو.

اي ڪي ڊوگر پاڪستان سپريم ڪورٽ جو سينئر وڪيل به هو. هن جماعت الدعوه جي امير حافظ محمد سعيد جو ڪيس به وڙهيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔