ڪورونا جي ٻي لهر سبب ڪروڙين ماڻهن جي فوتگين جو امڪان آهي: ڊبليو ايڇ او

جنيوا: صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سيپٽمبر ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر آئي ته ان سبب ڪروڙين ماڻهو فوت ٿي سگهن ٿا. صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر رنيري گوريرا ٻڌايو آهي ته عالمي وبا تمام گهڻو پکڙجي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سيپٽمبر، آڪٽوبر ۾ جڏهن گرمي پد گهٽ ٿيندو ته ڪورونا جو زور وڌي ويندو. رنيري گوريرا هڪ سئو ساله پراڻي هسپانوي فلو سان ڪورونا جي ڀيٽ ڪندي ٻڌايو ته هسپانوي فلو گرمي ۾ هيٺ هليو ويندو هو ۽ سيپٽمبر آڪٽوبر ۾ ان جي پکيڙ جي ٻيهر شروعات ٿي ويندي هئي.هن ٻڌايو ته ان دوران پنج ڪروڙ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا هئا. ٻئي طرف ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته اداري کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنجاهه کرب روپين جي ضرورت آهي. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا خلاف ميڊيڪل ٽيسٽون، مريضن جي علاج ۽ ويڪسين جي لاءِ ايندڙ سال گڏيل طور تي پنجاهه کرب کان وڌيڪ جي ضرورت پوندي. صحت جي عالمي اداري موجب پنجاهه کرب مان 21 کرب روپين جي فوري طور تي ضرورت آهي. ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب هينئر تائين مختلف ملڪن ۽ عالمي تنظيمن ۽ ادارن جي طرفان صرف 6 کرب ڇٽيهه ارب ئي جمع ٿي سگهيا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صحت جي عالمي اداري جي سربراهي ۾ طئي ڪيل مالي حدف پري پري تائين پورو ٿيندي نظر نه پيو اچي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔