پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ، (ن) ليگ پاران پارليامينٽ ۾ احتجاج جو فيصلو

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ(ن) پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جي خلاف اڄ پارليامينٽ ۾ سخت احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.(ن) ليگ جي صدر شهباز شريف خواجه آصف کي اپوزيشن پارٽين سان رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اپوزيشن ملي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي واپسي جو مطالبو ڪندي.ملڪ جي تاريخ ۾ رڪارڊ 33 سيڪڙو واڌ جي خلاف سموريون اپوزيشن پارٽيون احتجاج ۾ شامل ٿينديون. اپوزيشن حڪومت جي سرپرستي ۾ کنڊ کان پوءِ پيٽرول مافيا کي پارليامينٽ ۾ بي نقاب ڪرڻ جو فيصلو ڪندي جنهن تي اتفاق ڪيو آهي اپوزيشن پارٽي جي اڳواڻن ايوان ۾ احتجاج جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.غريب اڳ ئي زندگي پريشانين سان گذاري رهيا آهن مٿان وري پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ سندن پريشانيون وڌيڪ وڌي وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔