ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 83 فوتگيون

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 2 لک 2 هزار 955 ڪورونا جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 83 مريض فوت ٿي ويا.

اين سي او سي پاران ڪورونا ڪيسن بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪيسن جو  گڏيل انگ 2 لک کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ايڪٽو ڪورونا ڪيسن جو انگ 1 لک 6 هزار 213 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 78267، پنجاب 74202 ڪورونا جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه 25380، بلوچستان 10261 ڪورونا جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. وفاقي گادي واري شهر ۾ اڃان تائين 12395 ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. آزاد ڪشمير 1027، گلگت بلتستان 1423 ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 4072 ڪورونا جا ڪيس سامهون آيا. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 92624 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 25013 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. ملڪ ۾ اڃان تائين 12 لک 39 هزار 153 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔