ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي تدبير ڪم اچي وئي:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي ٽيم سڀ کان پهريان اسمارٽ لاڪ ڊائون متعارف ڪرايو.

وزيراعظم ٽوئيٽر تي بلوم برگ ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان  شايع آرٽيڪل شيئر ڪندي چيو آهي ته اسمارٽ لاڪ ڊائون اختيار ڪندڙن ۾ سڀني کان اڳيان منهنجي ٽيم آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو مونکي فخر آهي آهي ته ڪورونا کانپوءِ پيدا ٿيل بحران ۾ پنهنجي ملڪ کي درست طرف وٺي وڃڻ لاءِ اهڙي تدبير ڪم اچي وئي، جيڪڏهن اسان ايس او پيز جو لحاظ ڪنداسين ته بحرانن جي سنگيني مان بخوبي نجات حاصل ڪري وٺنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔