پاڪستان ۾ ان وقت عزت ملندي آهي جڏهن اوهان مڪمل لباس ۾ هجو: ماهره خان

ڪراچي: عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ماهره خان جو هڪ پراڻو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هو پاڪستاني معاشرتي قدرن تي ڳالهيون ڪندي نظر اچي رهي آهي.

ماهره خان جي چونڊ پاڪستان جي پهرين نمبر جي اداڪارائن ۾ ٿيندي آهي جيڪا بالي ووڊ  جي بادشاهه شاهه رخ خان سان گڏ به هيروئن طور ڪم ڪري چڪي آهي. اداڪاهر ماهره خان جو هڪ پراڻو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هو ائٽم نمبر ڪرڻ ۽ مختصر ڪپڙا پائڻ بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي.

ماهره خان پاڻ کي خوشقسمت اداڪاره  سان گڏوگڏ پاڪستاني اداڪاره هجڻ تي فخر محسوس ڪندي چيو ته هي واحد ملڪ آهي جتي اوهان جيترا وڌيڪ ڪپڙا پائيندو اوهان کي اوتري ئي عزت ملندي. ريحام خان ماهره جي ان ڳالهه تي کلندي چيو ته اوهان سٺو پوائنٽ ٻڌايو آهي پر ماهره خان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو آهي ته اوهان کي پاڪستان ۾ عزت حاصل ڪرڻ لاءِ آئٽم نمبر ڪرڻ جي ضرورت ناهي اوهان کي  ان وقت عزت ملندي آهي جڏهن اوهان مڪمل لباس ۾ هجو ۽ اوترو ئي اوهان جي واهه واهه. ٿيندي. ٿي سگهي ٿو ته هي ڊبل اسٽينڊرڊ هجي پر اها حقيقت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔