ڪورونا جا رڪارڊ 12 سئو 79 ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا جا رڪارڊ 12 سئو 79 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 80 هزار 446 ٿي ويو، ڪورونا وائرس وڌيڪ 26 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، صوبي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 12 سئو 69 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هيل تائين 44 هزار 523 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، ڪراچي ۾ 14 سئو 6 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سکر ۾ 86، حيدرآباد ۾ 54، گهوٽڪي ۾ 40، خيرپور ۾ 38، ڄامشورو ۾ 26، ميرپور خاص ۾ 22، ٺٽو ۾ 19 ۽ لاڙڪاڻو ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا وائرس جو شڪار، عمرڪوٽ ۾ 8، دادو ۾ 7، ٽنڊو الهيار ۾ 3، بدين ۽ قمبر ۾ 2-2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، وڏي وزير ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته شهرين جو احتياط ئي سندن صحت جو ضامن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔