ايشوريا راءِ ۽ سندس ڌيءَ ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن ۽ سندس ڌيءَ اراڌيا بچن جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچڻ بعد کين اسپتال کان گھر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
ايشوريا راءِ جي مڙس اڀيشيڪ بچن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته هن جي گھرواري ۽ نياڻي جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي ۽ کين اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
هن لکيو ته اوهان سڀني جي دعائن جي مهرباني، ايشوريا ۽ اراڌيا جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي ۽ کين اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي، هاڻ هو گھر وڃي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔