ايل اي ڊي ٽيڪنالوجي وارو جديد فيس ماسڪ متعارف

عالمي وبا ڪورونا وائرس اسان سڀني جي زندگين کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ سڀني سماجي وٿي ۽ احتياتي تدبيرن کي زندگي جو لازمي جز بڻائي ورتو آهي.
ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ماهرن طرفان ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪئي پئي وڃي، ۽ اهو ماسڪ انسانن وچ ۾ رنڊڪ به سمجهيو پيو وڃي.
ماسڪ سبب اسان هڪ ٻئي جي شڪل ٺيڪ طرح نه پيا ڏسي سگھون جڏهن ته اسان کي اها به خبر ناهي پوندي ته ڪير ڪهڙي وقت کلي رهيو آهي.
انهن سمورن مسئلن کي نظر ۾ رکندي مختلف ڪمپنين طرفان ماسڪ ۾ جدت آندي پئي وڃي ۽ هاڻ هڪ فيش ڊزائينر چيلسيا ڪلوڪاس به ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي هڪ جديد ماسڪ تيار ڪيو آهي.
فيشن ڊزائينر ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي خاص ڪپڙي ۽ ڪاسٽيومز ڊزائين ڪندي آهي پر ڪورونا وبا سبب سندس ڪاروبار به متاثر ٿيو جنهن کان پوءِ هن ماسڪ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو.
هن ايل اي ڊي جي مدد سان ٻن تهن وارو هڪ خاص ماسڪ تيار ڪيو آهي جنهن کي صاف ڪرڻ سان گڏو گڏ چارج به ڪري سگھجي ٿو.
ان ايل اي ڊي فيس ماسڪ جو اگھه 95 ڊالر آهي جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اوهان ان تي پنهنجي مرضي موجب پيغام لکي سگھو ٿا جيڪو ايل اي ڊي سبب ماسڪ تي چمڪندي نظر ايندو.
ان ماسڪ کي ايپ سان ڪنيڪٽ ڪيو ويندو آهي جنهن کان پوءِ اوهان ان تي پنهنجي مرضي جو پيغام يا ڪو به خاڪو ٺاهي سگھو ٿا جڏهن ته ماسڪ جو ڪپڙو اهڙو جنهن کي پائڻ کان پوءِ سولائي سان ساهه به کڻي سگھجي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔