عوام عيد الاضحيٰ ۽ محرم تائين احتياط نه ڪيو ته ڪيس وڌي ويندا:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد:عوام عيد الاضحيٰ ۽ محرم الحرام تائين احتياط نه ڪيو ته ڪيسز وڌي ويندا، ڪورونا کي روڪڻ جو سڀ کان وڌيڪ سولو طريقو ماسڪ پائڻ آهي، وزيراعظم عمران خان عيد الاضحيٰ تي آن لائين قرباني ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته عيد الاضحيٰ ۽ محرم الحرام تائين احتياط جي صورت ۾ ڪورنا جا ڪيس نه وڌيا ته تعليمي ادارن کي ايس او پيز تحت کولڻ تي غور ڪيو ويندو، ڪورونا جي صورتحال تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ريسٽورنٽس، شادي هالز ۽ سياحت سوڌو ٻيا شعبا ڏکائين جو شڪار آهن، اُنهن کي به عيد ۽ محرم الحرام کانپوءِ کولڻو آهي، ٽن مهينن کانپوءِ ڪورونا جا ڪيسز گهٽجي ويا ۽ هاڻي معيشت به صحيح رُخ ڏانهن هلي رهي آهي، عوام بي احتياطي ڪئي ته وڌيڪ نقصان ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔