ڪيپٽن محمد سرور جو 72 هون شهادت جو ڏهاڙو

اسلام آباد : ڪيپٽن محمد سرور شهيد جو اڄ 72 هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. پوٽوهار واري علائقي جي عظيم سپوت ڪيپٽن محمد سرور جي شهادت کي 72 سال گذري ويا پر سندس جرات ۽ بهادري جو لازوال داستان اڄ به قوم جي رت گرمائي رهيوآهي .

27 جولاءِ 1948 تي ڪشمير جي اڙي سيڪٽر ۾ هڪ آپريشن دوران دشمن جي فائر ڪيل گوليون سندس جسم ۾ گهڙي ويون پر وطن جو هي عظيم سپاهي دشمن جي آڏوهمت ۽ حوصلي سان ديوار بڻيل رهيو۽ نيٺ شهادت جو جام پيتائين.

1910 ع ۾ راولپنڊي جي ڳوٺ سنگوڙي ۾ اک کوليندڙ ڪيپٽن سرور شهيد 1929 ۾ فوج ۾ شامل ٿيو . 27 اپريل 1944 ۾ کيس انڊين ملٽري اڪيڊمي ڊيرو ڌرن پاران ڪميشن ملي .

پاڪستان سرڪار پاران بهادري جي اعليٰ ترين مثال قائم ڪرڻ تي کيس نشانِ حيدر جواعزازعطا ڪيو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔