سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 11 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ 2162 ٿي ويو

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 11 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ 2162 ٿي ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ 513 نوان ڪيسز ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي هڪ لک 18 هزار 824 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 مريض فوت ٿي ويا آهن، هن چيو ته وڌيڪ 513 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 138، شڪارپور ۾ 32، گهوٽڪي ۾ 31، حيدرآباد ۽ سکر ۾ 26-26 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، شهيد بينظير آباد ۾ 23، خيرپور ۾ 20، بدين ۽ ڪشمور ۾ 19-19 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته عوام کي اپيل ڪيان ٿو ته احتياط ڪيو وڃي، غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي، ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، عيد خريداري دوران ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، مال پڙين ۾ به هجوم جي صورت ۾ نه وڃڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔