مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان کي واپس ڪي پي ڪي گهرايو ويو

ڪراچي : ڪراچي ۾ ڊي سي سينٽرل مقرر ڪيل مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان کي واپس ڪي پي ڪي گهرايو ويو آهي،ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ضياءُ الرحمان جون خدمتون سنڌ سرڪار کان واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ کي ڪراچي ۾ ڊي سي سينٽرل مقرر ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي بحث ۽ مهم هلڻ کانپوءِ معاملو وڌي ويو ۽ هاڻ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ضياءُ الرحمان جون خدمتون واپس وٺي ان کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔