وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو، ملڪ جي معاشي، سياسي ۽ ڪرونا صورتحال تي غور ويچار سان گڏوگڏ اي سي سي جي 22 جولاءِ وارن فيصلن جي منظوري به ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس لاءِ 13 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. اجلاس دوران ملڪ جي معاشي، سياسي ۽ ڪرونا سبب پيدا ٿيل صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪابينا کي ميڊيا هائوسز جي رهتن بابت به بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس دوران پيٽروليم شين جي کوٽ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جي منظوري ڏني ويندي، جڏهن ته اي سي سي جي 22 جولاءِ وارن فيصلن جي پڻ منظوري ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔