پاڪستان ۾ ڪرونا جي فعال ڪيسز جو انگ 28 هزار کان به گهٽ رهجي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال ۾ ڏينهون ڏينهن بهتري اچي رهي آهي، فعال ڪيسز جو انگ 28 هزار اکان به گهٽ رهجي ويو. نيشنل ڪمانڊ ائنڊ آپريشن سينٽر موجب 24 ڪلاڪن دوران 176 نوان ڪيسز رپورٽ ڪيا ويا. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ وڌيڪ 20 ڪرونا مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد مجموعي طور فوتين جو انگ 5 هزار 842 ٿي ويو. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ هيل تائين 2 هزار 151، پنجاب ۾ 2 هزار 116 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 178 فوتگيون ٿي چڪيون آهن اسلام آباد ۾ 164، بلوچستان ۾ 136، گلگت-بلتستان ۾ 48 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 49 ماڻهو ڪرونا وگهي حياتيون وڃائي ويٺا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔