حڪومت پاران شوگر مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت شوگرملز مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪندي شوگرڪميشن رپورٽ جي بنياد تي ايف بي آر ، ايس اِي سي پي ۽ ايف آءِ اي کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

شوگر ملز مافياخلاف ڪارروائي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي احتساب ۽ گهرووزارت بابت صلاحڪار بيرسٽرشهزاد اڪبر،گورنر اسٽيٽ بينڪ ، مسابقتي ڪميشن ۽ ٽن صوبن کي خط لکيو ويو آهي .

خط سان گڏ شوگر ڪميشن جي رپورٽ به اماڻي وئي آهي ۽ لاڳاپيل کاتن کي 90 ڏينهن ۾ عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيوويو آهي .

وفاقي حڪومت پنجاب ، خيبرپختونخواه ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽريز کي به خط لکيو آهي ته جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومتون شوگر ڪميشن رپورٽ کي نظر ۾ رکندي شوگر ملز جي جاچ ڪن .

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪمند جي آبادگارن کان گهٽ اگهه تي ڪمند خريد ڪرڻ واري شوگر ملن خلاف قانوني قدم کنيا وڃن، وفاقي حڪومت موجوب مختلف شوگر ملز جو معاملو صوبائي اينٽي ڪرپشن جي دائري ۾ اچي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔