ائٽمي هٿيارن جي بهتر حفاظت ڪرڻ ۾ پاڪستان ڀارت کي پوئتي ڌِڪي ڇڏيو

واشنگٽن: پاڪستان کي ائٽمي هٿيارن جو بهتر تحفظ ڪندڙ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، پاڪستان ائٽمي اثاثن جي سيڪورٽي ۾ ڀارت کي 6 پوائنٽن تي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.

ائٽمي هٿيارن جي حفاظت لاءِ پاڪستان جي اپائن کي عالمي سطح تي موٽ ملي رهي آهي.

اين ٽي آءِ نيوڪليئر سيڪيورٽي انڊيڪس جي رپورٽ ۾نيو ڪليئر هٿيار رکندڙ ملڪن ۾ پاڪستان کي اثاثن جي سيڪورٽي جو سڀ کان وڌيڪ محفوظ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي  

اين ٽي آءِ نيوڪليئر سيڪورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستان ڀارت کي 6 پوائنٽس تان پوئتي ڌڪي ڇڏيو، ڀارت جي 41 جي ڀيٽ ۾پاڪستان 47 پوائنٽس حاصل ڪيون آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اثاثن جي حفاظت ۾ پاڪستان جو 19 هون ۽ ڀارت جو 20 هون نمبر آهي جڏهن ته تنصيبات جي حفاظت ۾47 مان پاڪستان جو 33 هون ۽ ڀارت جو 38 هون نمبر آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔