آرمي چيف سان قطري سفير جي ملاقات،مختلف شعبن ۾ سهڪار تي ويچار

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قطرجي سفير سان ملاقات دوران چيو آهي ته توقع آهي ته پاڪ قطر لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ۾ مقرر نار واري رياست قطر جي سفيرآرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .

ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ رليشنز ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه قطرجي سفير کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪ پڻ ڏني.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ  هو ته توقع آهي ته پاڪ قطر لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا جنهن سان خطي جي مستقل امن ۽ استحڪام ۾ مدد ملندي.

آءِ ايس پي آر موجب قطري سفير خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔