عدليه مخالف تقرير تي توهين عدالت جي ڪيس ۾ آغا افتخار الدين جو ڏوهه مڃڻ کان انڪار

اسلام آباد: عدليه مخالف تقرير تي توهين عدالت جي ڪيس ۾ آغا افتخار الدين ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سُپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کان اڳڀرائي رپورٽ ۽ شاهدن کي طلب ڪري ورتو، مولوي افتخار الدين جي ٻڌڻي نه ڪرڻ واري استدعا رد، جسٽس اعجاز الاحسن مولوي افتخار الدين سان مخاطب ٿيندي چيو ته معافي نامو جمع ڪرڻ باوجود توهان ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪريو ٿا ته توهان جي مرضي آهي، آغا افتخار الدين جي وڪيل چيو ته هڪ وڊيو جي بُنياد تي 2 ڪيس ٺاهيا ويا آهن، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ وڊيو ۾ چار قانون پائمال ٿيندا ته هر ادارو حرڪت ۾ ايندو، سائيبر ڪرائيم ۽ دهشتگردي جي قانون جو توهين عدالت سان واسطو نه آهي، سُپريم ڪورٽ ۾ رڳو توهين عدالت جو ڪيس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔