مصر , ليبيا ۾ فوج ڪشي واري ارادي کي ترڪ ڪري ڇڏي؛ ترڪ صدر

انقرا: ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان خبردار ڪيو آهي ته مصر ليبيا ۾ فوج ڪشي وارو ارادو ترڪ ڪري ڇڏي..
ترڪ صدر واضح ڪيو آهي ته مصر ڪنهن به خوشفهمي ۾ نه رهي.صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته ترڪي ليبيا جي صورتحال تي نظر رکيو ويٺو آهي. ليبيا جي اندر ڪنهن به ملڪ کي فوجي مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته هو ليبيا ۾ امن جي بحالي ۽ حڪومت ڪيرائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي روڪڻ جي لاءِ هر ممڪن مدد ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔