چين جي برطانيا کي سخت وارننگ، نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي

لنڊن: چين هانگ ڪانگ جي معاملي تي برطانيا کي سخت وارننگ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڇچين هانگ ڪانگ جي معاملي تي برطانيا کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن برطانيا هانگ ڪانگ بابت پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪئي ته ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
برطانوي ميڊيا جو ٻڌائڻ آهي ته هانگ ڪانگ ۾ چين طرفان نئين سيڪيورٽي قانون کي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ برطانيا سومر ڏينهن هانگ ڪانگ مان تحويل ۾ ورتل جوابدارن جو معاهدو معطل ڪري ڇڏيو.
برطانوي پرڏيهي وزير معاهدي جي معطلي جو اعلان ڪندي چيو ته هانگ ڪانگ ۾ لاڳو قانون بابت غير يقيني واري صورتحال آهي ته نئين سيڪيورٽي قانون تي ڪهڙي طرح عملدرآمد ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔