ايندڙ 5 سالن ۾ عالمي جنگ جي شروعات ڏسي رهي آهيان؛ وينا ملڪ

لاهور: پاڪستاني اداڪاره وينا ملڪ جو چوڻ آهي ته هوءَ ايندڙ 5 سالن ۾ عالمي جنگ جي شروعات ڏسي رهي آهي.
تفصيل موجب اداڪاره ، ماڊل ، ميزبان ۽ پيروڊي ڪوئن وينا ملڪ عالمي جنگ جي اڳڪٿي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ وينا ملڪ چيو ته هوء ايندڙ پنجن سالن ۾ عالمي جنگ شروع ٿيندي ڏسي رهي آهي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته آمريڪي ايجنسين جو خيال آهي ته جيڪڏهن چين تي جنگ مسلط نه ڪئي وئي ته ايندڙ 5 سالن ۾ چين هڪ عالمي سپر پاور بڻجي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔