ذوالحج جو چنڊ نظر اچي چڪو آهي: فواد چوڌري پنهنجي موقف تي قائم

اسلام آباد: مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو گذريل ڏينهن چنڊ نظر نه اچڻ جي اعلان کان پوءِ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي موقف تي قائم آهي.

گذريل ڏينهن وفاقي وزير فواد چوڌري اڳڪٿي ڪئي هئي ته ذوالحج جي چنڊ جي پيدائش پاڪستان جي معياري وقت موجب گذريل رات 10 لڳي 33 منٽن تي ٿي چڪي آهي ۽ اڄ 21 جولاءِ تي پاڪستان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چنڊ نظر اچي ويندو پر ائين نه ٿيو ۽ هن ڀيري وفاقي وزير جي دعويٰ غلط ثابت ٿي.

گذريل ڏينهن  مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ملڪ ۾ پهرين ذوالحج 1441 هجري خميس جي ڏينهن 23 جولاءِ ۽ عيدالاضحيٰ پهرين آگسٽ ڇنڇر جي ڏينهن ٿيندي. پر فواد چوڌري  پنهنجي موقف تي اڃان به قائم آهي ۽ هن ان باري ۾ چيو آهي ته ذوالحج جو چنڊ نظر اچي چڪو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته اربع جي شام جو چنڊ ڏسي سڀني کي اندازو ٿي ويندو ته هي ٻئي تاريخ جو چنڊ آهي  فيصلو ڪابينه ۽ عوام کي ڪرڻو آهي ته هو جدت اپنائين يا پراڻي روايت پسندي تي قائم ٿا رهن. هن چيو ته پنهنجي راءِ ڪابينه کي ڏئي چڪو آهيان.

ڪنهن کي مجبور نٿو ڪري سگهان ته هو جديد ٽيڪنالاجي کي اپنائين. هن طنز ڪندي وڌيڪ چيو ته جڏهن پراڻي ٽيڪنالاجي ذريعي چنڊ ڏسڻ حلال آهي ته نئين  ٽيڪنالاجي سان چنڊ ڏسڻ حرام ڇو آهي.؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔