ڪرونا وبا سبب هن سال فٽبال جو سڀ کان وڏو ايوارڊ نه ڏيڻ جو فيصلو

پئرس : ڪورونا وائرس سبب فٽبال جون سرگرميون متاثر ٿيڻ جي ڪري سال جو سڀ کان وڏو معتبر فٽبال جو ايوارڊ بيلن ڊي اور هن سال نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
فرانس فٽبال ميگزين طرفان ايوارڊ بيلن ڊي اور 1956 ۾ اسٽينلي ميوتيوز کي پهريون ڀيرو ڏنو ويو هو ۽ ان کانپوءِ هر سال اهو بهترين فٽبالرن کي ڏنو ويندو آهي.
هيل تائين ارجنٽينا جو ليونل ميسي رڪارڊ 6 ڀيرا اهو ايوارڊ کٽي چڪو آهي، جڏهن ته سندس روايتي مخالف ڪرسٽيانو رونالڊو 5 ڀيرا اهو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي.
ميگزين 2018 ۾ عورت فٽبالرز کي به اهو ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو پر هاڻ ان سلسلي کي به روڪيو ويو آهي.
فرانس فٽبال جي ايڊيٽر پاسڪل فير هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هي هڪ عجيب سال رهيو آهي، جنهن کي اسان هڪ عام سال طور نٿا ڏسي سگهون ۽ اسان ٻه مهينا اڳ ئي فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.
سندس موجب اسان سولو سمجهي فيصلو ناهي ڪيو پر تسليم ڪرڻو پوندو ته هن سال بيلن ڊي اور جو ڪير فاتح نه ٿيندو، ڇو ته اهو ايوارڊ شفاف طريقي سان نه ڏئي سگهنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔