پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 38 ماڻهو فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 38 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن،جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 677 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جا هڪ هزار 332نوان ڪيسز سامهون اچي ويا آهن،جنهن بعد متاثرن جو انگ 2 لک 67 هزار 428 ٿي ويو. اين سي او سي مطابق هيل تائين ڪرونا جا 2 لک 10 هزار 468 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ ڪرونا جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 51هزار 283 ٿي ويو آهي،جڏهن ته 255 مريض وينٽيليٽر تي موجود آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ فوتين جو تعداد 2 هزار 41،پنجاب ۾ 2 هزار 95،ڪي پي ۾ هڪ هزار 153 ۽ اسلام آباد ۾ 161ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مطابق بلوچستان ۾ 135، گلگت ۾ 45 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 47 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔