دنيا ۾ 6 لک 19 هزار کان وڌيڪ شهري ڪرونا کان جنگ هارائي ويا

نيويارڪ :دنيا ۾ ڪرونا وگهي 6 لک 19 هزار 520 شهري جان جي بازي هارائي ويا. عالمي رپورٽس مطابق دنيا ۾ متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 50 لک 94 هزار 630 ٿي ويو. رپورٽس مطابق ڪرونا وائرس لڳڻ کانپوءِ هينئر تائين 91 لک 10 هزار 972 شهري صحتياب ٿي چڪا آهن. آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک 44 هزار 953،برازيل ۾ 81 هزار 597 ۽ ڀارت ۾ 28 هزار 770 تائين پهچي ويو آهي. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق روس ۾ 12 هزار 580،ڏکڻ آفريقا ۾ 5 هزار 368 ۽ پيرو ۾ 13 هزار 579 حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ميڪسيڪو ۾ ڪرونا سبب 40 هزار 400،چلي ۾ 8 هزار 677،اسپين ۾ 28 هزار 424 ۽ برطانيا ۾ 45 هزار 422 اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. ايران ۾ 14 هزار 634،سعودي عرب ۾ 2 هزار 557،اٽلي ۾ 35 هزار،ترڪي ۾ 5 هزار 526 ۽ فرانس ۾ 30 هزار 165 شهري فوت ٿي ويا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔