احساس ڪفالت تحت هڪ ڪروڙ 69 لک خاندانن جي مدد ڪئي وئي: اسد عمر

اسلام آباد : وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته احساس ڪفالت تحت هڪ ڪروڙ 69 لک خاندانن جي مدد ڪئي وئي،جنهنجو مثال نٿو ملي. سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي اسد عمر چيو ته حقدارن ۾ 194 ارب رپيا شفاف نظام تحت ورهايا ويا. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي هر ٻئي خاندان جي مالي مدد ڪئي وئي،ملڪي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به مثال نٿو ملي. واضح رهي ته ملڪ ۾ غربت جي رفتار تمام گهڻي آهي ۽ رهيل ڪسر وري ڪرونا وائرس پوري ڪري ڇڏي. شهرين لاءِ پيٽ پالڻ مشڪل ٿي ويو آهي.خاص ڪري ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ شهري پريشاني واري زندگي گهاري رهيا آهن….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔